شبير حسن گبول

شبير حسن گبول

شبير حسن گبول

شبير حسن گبول: شبير حسن جو اصل نالو شبير احمد ولد علي حسن گبول آهي. هو 17 فيبروري 1978ع تي ڳوٺ جاني گبول، تعلقي ڏهرڪي، ضلعي گهوٽڪيءَ ۾ پيدا ٿيو. هن بنيادي تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول نٿو گبول ۽ گورنمينٽ برانچ مڊل اسڪول صاحب خان لنڊ مان پاس ڪئي. 1993ع ۾ مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول جروار مان ۽ 1995ع ۾ انٽر سائنس گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ميرپورماٿيلي مان پاس ڪيائين. هن 1997ع ۾ B.A، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس مان پاس ڪئي. هن 1998ع ۾ آبداري ڪورس وارو سرٽيفڪيٽ ايگزيڪيوٽو انجنيئر ڊويزن گهوٽڪي کان حاصل ڪيو. 1998ع ۾ ٽائيپ رائيٽنگ جي ڪورس وارو سرٽيفڪيٽ ۽ 2001ع ۾ C.T. علامه اقبال اوپن يونيورسٽي اسلام آباد مان ڪيائين. 2004ع ۾ ڪمپيوٽر ڪورس وارو سرٽيفڪيٽ ورتائين. هن 2003ع ۾ سرڪاري ملازمت حاصل ڪئي ۽ هن وقت SEPCO ڏهرڪي ۾ ڪم ڪري ٿو. هن ڪيترائي علمي ۽ ادبي مضمون مختلف اخبارن ۽ رسالن لاءِ لکيا آهن. هن شاعري پڻ ڪئي آهي. سندس شاعريءَ جو الڳ ڪتاب ڇپائيءَ هيٺ آهي. ان کان سواءِ هن ڊراما، خاڪا ۽ اسٽيج ناٽڪ لکيا آهن. سندس گهڻ رُخي سڃاڻپ ۾ اسٽيج اداڪاري به شامل آهي. ‘ڌرتي جا غدار’، ‘گهم ڦر ته هوا لڳئي’، ‘مارئي’، ‘حقيقت’، ‘گِدو بندر’، ‘عشق نه پڇي ذات’ ۽ ٻين کوڙ سارن اسٽيج ڊرامن ۾ اداڪاري ڪئي آهي. ڏهرڪي، اوٻاوڙو، ريتي، صادق آباد، گوهرآباد 8 نمبر، ڳوٺ جاني گبول، ميرپورماٿيلو، جروار، گهوٽڪي ۽ ڀرپاسي ۾ ٿيندڙ اسٽيج شوز ۾ حصو وٺندو رهيو آهي. ان کان سواءِ سنڌي چئنل ڪي ٽي اين جي ٽيلي فلم ڀڳت ڪنور رام ۽ 2013ع ۾ ڏهرڪيءَ ۾ تيار ٿيندڙ ٽيلي فلم ‘ٺڳن جو ڊان ’ ۾ پڻ پنهنجي اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريا اٿس.
هي سچل سرمست ويلفيئر ۽ ڪلچرل سوسائٽي ڏهرڪيءَ سان لاڳاپيل آهي. سنڌي ادبي سنگت ڏهرڪيءَ جي ادبي ميڙاڪن ۾ نظر ايندو رهندو آهي. ‘تاريخ گبول بلوچ’ سندس اهم تصنيف آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1978.02.17  عيسوي

شبير حسن گبول 17 فيبروري 1978ع تي ڳوٺ جاني گبول، تعلقي ڏهرڪي، ضلعي گهوٽڪيءَ ۾ پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بختاور ڀٽو زرداري
آخوند محمد حيات حاتم
سيد ظفر علي شاهه
رکيو لنڊ
ڄام نظام الدين جو مقبرو
عبدالعزيز ميمڻ مولانا
اڌارام ٿانورداس ميرچنداڻي
داداڀائي ولي محمد
ڀاڳو ڀانُ
ثريا سوز ڏيپلائي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون